ته سائين ڳالهه پيئي ڪجي ڪراڪورم هائي وي تي ان رات جي….
صبح جو ڪچو وقت هو. چشمي جي مٺي پاڻي مان ٻه ڍُڪ پيتم ۽ منهن تي ڇنڊو هنيم ته مس وڃي ڪا اک کلي. هيڏانهن هيڏانهن نظر ڦيرايم ته سامهون هڪ ننڍڙو ميرو ڇوڪرو وڻ جي پاڇي ۾ بيٺو آهي. سندس گدلي جسم تي گدلا ڦاٽل لٽا هجن پر سندس منهن مشعل وانگر په بکيو. سندس منهن تي ايتري ته معصوميت هئي جو آءٌ بي اختيار ٿي وٽس ڇڪجي ويس. ڀرسان وڃي ڏسان ته سندس هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ٽوڪري هجي ۽ ان ۾ ننڍڙا ننڍڙا ساوا پاءُ ڏيڍ انگور هجن. دل ۾ خيال آيو ته پڪ هيُ ڇوڪرو غربت کان مجبور ٿي ايترو صبح صبح هي انگور وڪڻ آيو هوندو. اشاري سان پڇيومانس ته ڪيترا پيسا؟ سندس منهن خوشي سان ٻهڪڻ لڳو. آنڱرين جي اشاري سان چيائين ٻه رپيا، مونکي انگورن جي شڪل ته بلڪل متاثر نه ڪيو هو، پر سندس معصوم چهري کي ڏسي مونکي موهن جي دڙي وارا ڳوٺاڻا ٻار ياد اچي ويا. منهنجو دوست شعيب سندن معصوم مُکڙن جون تصويرون ڪڍي، پاڻ کي نيشل جاگرافڪ جو فوٽو گرافر سمجهندو هيو. اکين آڏو تري آيو. انگور ورتم، وات ۾ وجھڻ سان ئي سمجھي ويس ته سودو سستو ڪيو اٿم. ان وقت پتو پيم ته هنزه جو لوڪل شراب هنزه واٽر ڇو مشهور آهي.
اڪبر خان چرس جو سگريٽ پورو ڪري رڙ ڪئي ته گاڏي ۾ ويهو ته هلون. اٽالين مائي به هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪي هئي. سندس صبح جي روشنيءَ ۾ ڳٽا گولڊن صوف جو ڏک ڏيئي رهيا هئا. پر مائي هاڻي سڌي ٿي ويٺي هئي. مونڏي اک کڻي به نه نهاريائين. ڪنن ۾ واڪ مين وجھي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويئي. آءٌ به دنيا جي بي ثباتي تي ماتم ڪري رسي ويهي رهيس.
ڪراڪورم جو ڀُرڀُرو پهاڙ گاڏي جي ٻنهي طرفن ڊوڙڻ لڳو، هيٺ سنڌو ۾ ڪارو گپ جهڙو پاڻي، گول گول دائرا ٺاهيندو وهي رهيو هو. رات جي اوجاڳي هاڻي مونکي سوگھو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيترا دفعا مٿو وڃي دري سان لڳو. اوچتو ويگن بيهجي ويئي. ماڻهو ڀانت ڀانت جو ٻوليون ٻولڻ لڳا. مونکي سمجھ ۾ نه پيئو اچي ته ٿيو ڇا آهي جو ماڻهو ايترا جذباتي ٿي رهيا آهن. اڪبر خان کان پڇيم ته ڇا ٿيو آهي. چيئي ‘اڳتي روڊ بلاڪ آهي’. نظر جو کڻي وجھان ته رستي تي ڪجھ ننڍا وڏا گول گول پٿر پيئا هجن. مون اڪبر خان کي چيو ‘ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳاله آهي، ٿورا پٿر ته آهن، سڀ هيٺ لهي پٿر کڻي ٿا درياهه ۾ اڇلايون’. اڪبر خان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، چيئي ‘سائين، پنج ميلن کان به وڌيڪ لينڊ سلائڊ آهي. مشينريون رستو پيئون صاف ڪن. ڇهه ست ڪلاڪ لڳي ويندا. توهان ڀلي گھمو ڦِرو.’
انسان مزي ماڻڻ لاءِ، سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي اطمينان لاءِ ڇا ڇا نه ڪندو آهي. اسان کي هن دنيا ۾ آرامده بستر کپي، سهڻو محبوب کپي، ايئر ڪنڊيشن ڪمرو کپي، وڏي گاڏي کپي ۽ ڇاڇا نه کپي. اسين سمجھندا آهيون ته اهي شيون اسان کي مليون جنهن جي ڪڍ اسان چرين وانگر ڊوڙون پايون ٿا، ته پوءِ شايد اسان کي خوشي به ملي ويندي. ڇا ائين آهي؟ پر سائين ايڏي جاکوڙ کان پوءِ به خوشي يا نصيب. جان محمد منهنجو پيارو دوست آهي. چيائين ‘هڪ دفعي پوڙهي مائي کان ڪوڙ بدوڙ ڳالهائي پيسا ڪڍيم. پيسا کيسي ۾ آيا ته خيال آيو ته بيڊ روم لاءِ ايئر ڪنڊيشن وٺجي ۽ ڏاڍا آرام ڪجن. واه واه ٿي ويئي. پر خدا ڀلو ڪري ڪي اي سيءَ وارن جو، هر روز بجلي بند. جيئن ئي بجلي بند ٿئي ۽ ڪمرو تپي ته منهنجو سڪون ڪافور ٿي وڃي. ڪيڏانهن ويئي منهنجي خوشي؟ رهندو روح ۾ نيزا لڳڻ لڳا، هي ڇا ڪيم. آرام وڃايم يا آرام مليم؟’. مان سوچڻ لڳس ته جان محمد جو ضمير اڃا زنده آهي. مونکي مرحوم انجنيئر چاچو بروهي پيو ياد اچي. چيائين ‘ڪراچي جي ڊفينس ۾ هڪ شاندار بنگلو ۽ بينڪ ۾ ڪروڙ، اهو آهي منهنجو وعدو’. واهن جون ڪوڙيون کوٽايون ظاهر ڪري ۽ الائي ڇا ڇا نه ڪري پنهنجو وعدو ته پورو ڪيائين، پر رستي ۾ ڪٿي اڪيلو پٽ وڃايائين، ان کي پنهنجو دوست ڪري نه سگھيو. ڌئ به ڪٿي بادلن ۾ تحليل ٿي ويس. مرڻ کان چند ڏينهن اڳ مونکي سندس چهري تي ڪٿي به خوشي جي ڪا رمق نظر نه آئي. ائين لڳي پيو ڄڻ ڪو هارايل جواري هجي. اسان کي صرف هِن جهان ۾ نه پر اڳتي مٿي به مزو کپي. ستر حورون، ٿڌيون هوائون، کير جون نديون. اسين لڳا پيا آهيون ڪرمن ۾، ڪر ڀلو ته ٿيندوءُ ڀلو. بزرگ چون ‘روزا نمازون پڻ چنڱو ڪم پر اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي’. اُهو فهم آهي ڪهڙو؟اها ڪهڙي پرولي آهي؟ مزا ته بظاهر گوتم ٻڌ کي به هيا. بادشاه هيو، زال ٻار نوڪر چاڪر ڇا نه هيس؟ پر خوشي جي تلاش ۾ نڪتو. 27 سال بڻ باس. پر اِها خوشي آهي ڇا؟ آهي ڪهڙي بلا؟
نفسيات جا ماهر ذهن جي هن ڪيفيت کي درجن ۾ ورهائن ٿا. اول ٺلهو اطمينان پوءِ مزو، اڃا ڪجھ وڌيڪ ته پوءِ خوشي، انکان پوءِ جو درجو آهي سرخوشي. پر منزل آهي نرواڻ، جنهنجو ٿلهو ترجمو انگريزيءَ ۾ شايد بلس آهي. نرواڻ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي. گوتم کي 27 سالن کان پوءِ مليو. جين مت مطابق نرواڻ روح جي قدرتي ڪيفيت آهي. نرواڻ عزلي اصلي سرخوشي يا شايد ان کان به مٿي ڪا ڪيفيت آهي. جڏهن روح ڪرمن کان آزاد ٿو ٿئي ته پوءِ نرواڻ، آگھئي ۽ ادراڪ نصيب ٿين ٿا. جين مت مطابق ڪرم هر ڪم، هر لفظ ۽ هر خيال جو عمل ۽ ردعمل آهن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي حيثيت جو ادراڪ به انسان کي ڪرمن مان آجو ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. نصرت فتح علي جي گيت جا ٻول ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا ‘شهر جا دڪاندارو، ڪاروبار اُلفت ۾ جيت ڇا آهي هار ڇا آهي اوهين نه ڄاڻيندوءُ’. مان سوچيندو هيس ته اِهي جوڳي جبلن جي چوٽين تي وڃي ڇو يوگ ڏيندا آهن. ان وقت مونکي هن سوال جو ڪو جواب نه سُجھندو هيو. پر…..
ان ڏينهن، جڏهن ويگن اوچتو بيٺي ته مان به هيٺ لٿس. سوچيم رستي تي ٿورو اڳتي هلي واءُ سواءُ وٺجي. هلندي هلندي هڪ موڙ وٽ پهتس. جيئن ئي موڙ ڪٽيم ته هڪ دم هڪ نئون جهان سامهون اچي ويو. هڪ وسيع ميدان هجي، پريان ڪٿان سنڌو جبلن مان پاڻ کي آزاد ڪرائي هڪ لڪير وانڱر مونڏي آئي پئي. سندس ڪُک ۾ هڪ ٻيو درياهه پيئي داخل ٿيو. انجو نيرو پاڻي، سنڌو جي ميرانجھڙي پاڻي ۾ ملي ڄڻ اڇي ۽ ڪاري جو فرق پيو مٽائي. دور جبلن جون ديواريون ڪارن پاڇولن وانگر نظر پي آيون. پر سڀ کان وڌيڪ جنهن شي منهنکي متاثر ڪيو اُهو هجي کير جهڙو اڇو، جُهڙن سان ڳالهيون ڪندڙ نانگو پربت. قدرت جي هن عظيم ڪارخاني ۾ هڪدم مونکي پنهنجي حيثيت جو ادراڪ ٿيو. مان ته معمولي ذرو آهيان. ڪهڙي حيثيت آهي منهنجن ڪرمن جي؟ آهيان ڇا جو ايترو گوڙ ڪيو اٿم. پر عين اُن وقت هڪ سرخوشي جي لهر جسم مان لنگھي ويئي. ان سوال جو جواب به ملي ويو ته ڇو جوڳي جبل وسائيندا آهن. اُهو ڏينهن آهي ۽ اڄ جو ڏينهن، قدرت جي انهن عظيم ڪارخانن ۾ هڪ ذرو سرخوشي، ادراڪ ۽ آگھئي جي تلاش ۾ وس آهر سرگردان آهي. نرواڻ ته شايد نه ملي پر من ڪو نرواڻ جو جھونڪو نصيب ٿئي. خدا چاهيو ته حال احوال ڏبا.