ذرڙو ڇو؟

اوھين پڇندئوذرڙو وري ڇا آھي؟ سائين منھنجا اسين ذرڙا ئي ته آھيون! بند ڪمري ۾ ويھي، اسين محسوس ڪندا آھيون ته اسين ڪا وڏي ڳالھ آھيون۔ پھنجو پاڻ ڦلارجي الائي ڇا جو ڇا محسوس ڪندا آھيون ۽ اھو احساس به نه ٿيندو آھي ته اسان ڪيترا نه ناسمجھ آھيون۔ مان به ھڪ اھڙو ئي ڦوڪڻو ھيس۔ حد کان وڌيڪ ڦوڪيل۔ ننڍي ھوندي ايسپ جون آکاڻيون پڙھندا ھياسين، انھن مان ھڪ ياد پيئي اچي ته ھڪڙي مک وڃي ھڪ تيز رفتار رٿ جي ڦيٿي تي ويٺي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي ‘مار ڪيڏي نه مٽي اڏائي اٿم’۔ سو دوستو منھنجو به اھو ئي حال ھيو۔ ھر وقت بي وقت ويٺو ڊاڙون ھڙان۔ پاڻ پڏائي پڏائي اڌ مئو ٿيان ته به نه مڙان۔ اصل ۾ ھجان ڪجھ به نه ۽ وڏي ڳالھ ته اڃان به ڪجھ نه آھيان۔ ھڪ دوست ھلندي ھلندي ٿاٻو کاڍو، چيائين ‘ھائه ڙي ھائه جواني’ وري ھيڏانھن ھيڏانھن ڏسي چوڻ لڳو ‘جواني ۾ به اھو ئي منھن ڪاروھيو، ٻيو وري ڇا’۔ سو سڄڻ سائين مان ته آھيان ئي ذرو ۽ رھندس به ذرو ڀلي جو ڪيترو به گوڙ ڇو نه ڪيان۔ ھائو! اھو احوال ضرور ڪبو ته ذرڙي کي خبر ڪيئن پيئي ته مان ذرڙو آھيان؟ انھن احوال وندڻ لائه ئي ته ھي بلاگ ٺاھيو اٿم۔ ھاڻي محسوس ڪيو اٿم ته پنھنجا تجربا سچ سچ ونڊجن ۽ وراھجن متان ڪنھن ھمراھ جو ڀلو ٿئي؟ متان ڪو اسان جي احساسن مان ڪجھ پرائي۔ جي ائين ٿيو ته ڏاڍو سٺو نه ته به پنھنجو بوجھ ته ھلڪو ٿيو۔ چڱو ھاڻي رب واھي وري ملنداسون۔۔۔۔۔۔۔۔۔

2 responses to “ذرڙو ڇو؟

  1. tvhaan muhije blog kh diso en vichaar kyo t chhaa asaanje vich mein gaalih bol thi saghndi aahe chaa? avhaan tavhaanjo blog t n padhi saghndo aahiyaan.

    http://deepakbapu.wordpress.com

  2. muhinkhe ihaa lipi n eendi aahe, in kaan asaan angreji lipi jo hi istemaal kare agite vadhii saghndaa aahiyun. agri tvhaan khe muhinji poety samajh mein aayi aahe t suthi galih aahe. asaan phinji bhaashaa khe angreji mein likhoon ain unikod tool je marfat bini mein likhoon. jeena he avhaan likhiyo aahe hinkhe agr hindi tool mein kandusi t ihaaee hindi devnagri sihdhi thee vendi. tvhaanje hik blogr vti sidhi unikod tool athav. sindhi teg mein shaayd ditho aahe. kul milaaye gaalih shidhi bhashaa khe agite vadhinon aahe.

    deepak bharatdeep

پنهنجو رايو ڏيو