ذرڙي جي ڪھاڻي

Password
Password has changed to old doc_s

آگھئيءَ جو سفرـ2
ته سائين ڳالهه پيئي ڪجي ڪراڪورم هائي وي تي ان رات جي….

صبح جو ڪچو وقت هو. چشمي جي مٺي پاڻي مان ٻه ڍُڪ پيتم ۽ منهن تي ڇنڊو هنيم ته مس وڃي ڪا اک کلي. هيڏانهن هيڏانهن نظر ڦيرايم ته سامهون هڪ ننڍڙو ميرو ڇوڪرو وڻ جي پاڇي ۾ بيٺو آهي. سندس گدلي جسم تي گدلا ڦاٽل لٽا هجن پر سندس منهن مشعل وانگر په بکيو. سندس منهن تي ايتري ته معصوميت هئي جو آءٌ بي اختيار ٿي وٽس ڇڪجي ويس. ڀرسان وڃي ڏسان ته سندس هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ٽوڪري هجي ۽ ان ۾ ننڍڙا ننڍڙا ساوا پاءُ ڏيڍ انگور هجن. دل ۾ خيال آيو ته پڪ هيُ ڇوڪرو غربت کان مجبور ٿي ايترو صبح صبح هي انگور وڪڻ آيو هوندو. اشاري سان پڇيومانس ته ڪيترا پيسا؟ سندس منهن خوشي سان ٻهڪڻ لڳو. آنڱرين جي اشاري سان چيائين ٻه رپيا، مونکي انگورن جي شڪل ته بلڪل متاثر نه ڪيو هو، پر سندس معصوم چهري کي ڏسي مونکي موهن جي دڙي وارا ڳوٺاڻا ٻار ياد اچي ويا. منهنجو دوست شعيب سندن معصوم مُکڙن جون تصويرون ڪڍي، پاڻ کي نيشل جاگرافڪ جو فوٽو گرافر سمجهندو هيو. اکين آڏو تري آيو. انگور ورتم، وات ۾ وجھڻ سان ئي سمجھي ويس ته سودو سستو ڪيو اٿم. ان وقت پتو پيم ته هنزه جو لوڪل شراب هنزه واٽر ڇو مشهور آهي.

اڪبر خان چرس جو سگريٽ پورو ڪري رڙ ڪئي ته گاڏي ۾ ويهو ته هلون. اٽالين مائي به هاڻي سُجاڳ ٿي چُڪي هئي. سندس صبح جي روشنيءَ ۾ ڳٽا گولڊن صوف جو ڏک ڏيئي رهيا هئا. پر مائي هاڻي سڌي ٿي ويٺي هئي. مونڏي اک کڻي به نه نهاريائين. ڪنن ۾ واڪ مين وجھي پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويئي. آءٌ به دنيا جي بي ثباتي تي ماتم ڪري رسي ويهي رهيس.

ڪراڪورم جو ڀُرڀُرو پهاڙ گاڏي جي ٻنهي طرفن ڊوڙڻ لڳو، هيٺ سنڌو ۾ ڪارو گپ جهڙو پاڻي، گول گول دائرا ٺاهيندو وهي رهيو هو. رات جي اوجاڳي هاڻي مونکي سوگھو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيترا دفعا مٿو وڃي دري سان لڳو. اوچتو ويگن بيهجي ويئي. ماڻهو ڀانت ڀانت جو ٻوليون ٻولڻ لڳا. مونکي سمجھ ۾ نه پيئو اچي ته ٿيو ڇا آهي جو ماڻهو ايترا جذباتي ٿي رهيا آهن. اڪبر خان کان پڇيم ته ڇا ٿيو آهي. چيئي ‘اڳتي روڊ بلاڪ آهي’. نظر جو کڻي وجھان ته رستي تي ڪجھ ننڍا وڏا گول گول پٿر پيئا هجن. مون اڪبر خان کي چيو ‘ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳاله آهي، ٿورا پٿر ته آهن، سڀ هيٺ لهي پٿر کڻي ٿا درياهه ۾ اڇلايون’. اڪبر خان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو، چيئي ‘سائين، پنج ميلن کان به وڌيڪ لينڊ سلائڊ آهي. مشينريون رستو پيئون صاف ڪن. ڇهه ست ڪلاڪ لڳي ويندا. توهان ڀلي گھمو ڦِرو.’

انسان مزي ماڻڻ لاءِ، سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي اطمينان لاءِ ڇا ڇا نه ڪندو آهي. اسان کي هن دنيا ۾ آرامده بستر کپي، سهڻو محبوب کپي، ايئر ڪنڊيشن ڪمرو کپي، وڏي گاڏي کپي ۽ ڇاڇا نه کپي. اسين سمجھندا آهيون ته اهي شيون اسان کي مليون جنهن جي ڪڍ اسان چرين وانگر ڊوڙون پايون ٿا، ته پوءِ شايد اسان کي خوشي به ملي ويندي. ڇا ائين آهي؟ پر سائين ايڏي جاکوڙ کان پوءِ به خوشي يا نصيب. جان محمد منهنجو پيارو دوست آهي. چيائين ‘هڪ دفعي پوڙهي مائي کان ڪوڙ بدوڙ ڳالهائي پيسا ڪڍيم. پيسا کيسي ۾ آيا ته خيال آيو ته بيڊ روم لاءِ ايئر ڪنڊيشن وٺجي ۽ ڏاڍا آرام ڪجن. واه واه ٿي ويئي. پر خدا ڀلو ڪري ڪي اي سيءَ وارن جو، هر روز بجلي بند. جيئن ئي بجلي بند ٿئي ۽ ڪمرو تپي ته منهنجو سڪون ڪافور ٿي وڃي. ڪيڏانهن ويئي منهنجي خوشي؟ رهندو روح ۾ نيزا لڳڻ لڳا، هي ڇا ڪيم. آرام وڃايم يا آرام مليم؟’. مان سوچڻ لڳس ته جان محمد جو ضمير اڃا زنده آهي. مونکي مرحوم انجنيئر چاچو  بروهي پيو ياد اچي. چيائين ‘ڪراچي جي ڊفينس ۾ هڪ شاندار بنگلو ۽ بينڪ ۾ ڪروڙ، اهو آهي منهنجو وعدو’. واهن جون ڪوڙيون کوٽايون ظاهر ڪري ۽ الائي ڇا ڇا نه ڪري پنهنجو وعدو ته پورو ڪيائين، پر رستي ۾ ڪٿي اڪيلو پٽ وڃايائين، ان کي پنهنجو دوست ڪري نه سگھيو. ڌئ به ڪٿي بادلن ۾ تحليل ٿي ويس. مرڻ کان چند ڏينهن اڳ مونکي سندس چهري تي ڪٿي به خوشي جي ڪا رمق نظر نه آئي. ائين لڳي پيو ڄڻ ڪو هارايل جواري هجي. اسان کي صرف هِن جهان ۾ نه پر اڳتي مٿي به مزو کپي. ستر حورون، ٿڌيون هوائون، کير جون نديون. اسين لڳا پيا آهيون ڪرمن ۾، ڪر ڀلو ته ٿيندوءُ ڀلو. بزرگ چون ‘روزا نمازون پڻ چنڱو ڪم پر  اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي’. اُهو فهم آهي ڪهڙو؟اها ڪهڙي پرولي آهي؟ مزا ته بظاهر گوتم ٻڌ کي به هيا. بادشاه هيو، زال ٻار نوڪر چاڪر ڇا نه هيس؟ پر خوشي جي تلاش ۾ نڪتو. 27 سال بڻ باس. پر اِها خوشي آهي ڇا؟ آهي ڪهڙي بلا؟

نفسيات جا ماهر ذهن جي هن ڪيفيت کي درجن ۾ ورهائن ٿا. اول ٺلهو اطمينان پوءِ مزو، اڃا ڪجھ وڌيڪ ته پوءِ خوشي، انکان پوءِ جو درجو آهي سرخوشي. پر منزل آهي نرواڻ، جنهنجو ٿلهو ترجمو انگريزيءَ ۾ شايد بلس آهي. نرواڻ هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي. گوتم کي 27 سالن کان پوءِ مليو. جين مت مطابق نرواڻ روح جي قدرتي ڪيفيت آهي. نرواڻ عزلي اصلي سرخوشي يا شايد ان کان به مٿي ڪا ڪيفيت آهي. جڏهن روح ڪرمن کان آزاد ٿو ٿئي ته پوءِ نرواڻ، آگھئي ۽ ادراڪ نصيب ٿين ٿا. جين مت مطابق ڪرم هر ڪم، هر لفظ ۽ هر خيال جو عمل ۽ ردعمل آهن. منهنجي خيال ۾ پنهنجي حيثيت جو ادراڪ به انسان کي ڪرمن مان آجو ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. نصرت فتح علي جي گيت جا ٻول ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا ‘شهر جا دڪاندارو، ڪاروبار اُلفت ۾ جيت ڇا آهي هار ڇا آهي اوهين نه ڄاڻيندوءُ’. مان سوچيندو هيس ته اِهي جوڳي جبلن جي چوٽين تي وڃي ڇو يوگ ڏيندا آهن. ان وقت مونکي هن سوال جو ڪو جواب نه سُجھندو هيو. پر…..

ان ڏينهن، جڏهن ويگن اوچتو بيٺي ته مان به هيٺ لٿس. سوچيم رستي تي ٿورو اڳتي هلي واءُ سواءُ وٺجي. هلندي هلندي هڪ موڙ وٽ پهتس. جيئن ئي موڙ ڪٽيم ته هڪ دم هڪ نئون جهان سامهون اچي ويو. هڪ وسيع ميدان هجي، پريان ڪٿان سنڌو جبلن مان پاڻ کي آزاد ڪرائي هڪ لڪير وانڱر مونڏي آئي پئي. سندس ڪُک ۾ هڪ ٻيو درياهه پيئي داخل ٿيو. انجو نيرو پاڻي، سنڌو جي ميرانجھڙي پاڻي ۾ ملي ڄڻ اڇي ۽ ڪاري جو فرق پيو مٽائي. دور جبلن جون ديواريون ڪارن پاڇولن وانگر نظر پي آيون. پر سڀ کان وڌيڪ جنهن شي منهنکي متاثر ڪيو اُهو هجي کير جهڙو اڇو، جُهڙن سان ڳالهيون ڪندڙ نانگو پربت. قدرت جي هن عظيم ڪارخاني ۾ هڪدم مونکي پنهنجي حيثيت جو ادراڪ ٿيو. مان ته معمولي ذرو آهيان. ڪهڙي حيثيت آهي منهنجن ڪرمن جي؟ آهيان ڇا جو ايترو گوڙ ڪيو اٿم. پر عين اُن وقت هڪ سرخوشي جي لهر جسم مان لنگھي ويئي. ان سوال جو جواب به ملي ويو ته ڇو جوڳي جبل وسائيندا آهن. اُهو ڏينهن آهي ۽ اڄ جو ڏينهن، قدرت جي انهن عظيم ڪارخانن ۾ هڪ ذرو سرخوشي، ادراڪ ۽ آگھئي جي تلاش ۾ وس آهر سرگردان آهي. نرواڻ ته شايد نه ملي پر من ڪو نرواڻ جو جھونڪو نصيب ٿئي. خدا چاهيو ته حال احوال ڏبا.

سنڌي ۾ پروگرامنگ
مان هڪ عام معمولي ڊاڪٽر آهيان. ڪمپيوٽر پروگرامنگ منهنجومشغلو آهي. ڪمپيوٽر جي دنيا اتاهه سمنڊ جيئان هڪ وسيع جهان آهي، مان ته ڄڻ ڪناري تي ويٺو سپيون ڪٺيون پيو ڪيان. پر دل ۾ امنگ اٿم ته اسانجا سنڌي ماڻهو به اڄ ڪلهه جي ماڊرن سائنس مان بهرآور ٿين. مان سمجهان ٿو ته بهترمعياري طب جو آڌار بهتر ۽ معياري رڪارڊ جي موجودگي تي مدار رکي ٿو. هي هڪ مثال شايد منهنجونقطو واضع ڪري سگهي.

هڪ مون جهڙي عام ڊاڪٽر، ڌڻي بخش جي ڪلنڪ تي روز 30 کن مريض اچن ٿا. ڌڻي بخش آهي ته هڪ عام ڊاڪٽر پر پريڪٽس وت آهر بلڪل صحيح ڪندو آهي. انسان دوست به آهي. هروبرو پيسي جي ڪڍ به نه آهي. پر سنڌ جي 99 فيصد عام ڊاڪٽرن وانگر ڪو معياري رڪارڊ نه رکندو آهي. هڪ ڏينهن سندس ڪلنڪ تي هڪ مريض کي پينيسيلين جو زبردست ري ايڪشن ٿو ٿئي.  ڊاڪٽر ڌڻي بخش کيس وڏي جاکوڙ کان پوءَ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. قصو ڪوتاه، اهو ساڳوئي مريض 6 مهينن کان پوءَ وري معمولي بخار ۾  ڊاڪٽر ڌڻي بخش وٽ اچي ٿو.  ڊاڪٽر ڌڻي بخش ۽ مريض ٻنهي کي پينيسيلين جي زبردست ري ايڪشن وارو واقعو ياد ناهي يا ان وقت ذهن تي نٿو اچي. ڊاڪٽر وٽ گهربل رڪارڊ به موجود ناهي، هن دفعي پينيسيلين جو انجيڪشن موتمار ٿي سگهي ٿو.

دوستو اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته اهڙا واقعا امريڪا جهڙي ملڪ ۾ به ٿين ٿا. هڪ مضمون Err is Human ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته داڪٽرن جي غلطين سبب هر سال امريڪا ۾اٽڪل 90 هزار مريض موت جو شڪار ٿين ٿا. اسان وٽ ته الائي ڇا سلسلو هوندو خدا ٿو ڄاڻي.  هڪ معمولي ڪمپيوٽر تي هڪ معمولي رڪارڊ رکڻ وارو سسٽم ڪيتريون ئي اهڙيون زندگيون بچائي سگهي ٿو. اسان جي ميڊيڪل جي سٽاف جي ضرورت هڪ آسان، سستو ۽  سنڌي ۾ ڪمپيوٽر رڪارڊ رکڻ وارو  سافٽ وئر سسٽم آهي. اسين ان ڪوشش ۾ آهيون ته اهڙو ڪو سسٽم ٺاهجي جيڪو ڊاڪٽرن کان وٺي وارڊ بوائن تائين سڀ استعمال ڪري سگهن ۽ اهو سافٽ ويئر مفت مهيا ڪجي.

سنڌي ۾ ڪمپيوٽر سافٽ وئر نه هجڻ جي برابر آهن. پر جيڪڏهن ڪو پروگرامر سنڌي ۾ کڻي ڪو پروگرام لکڻ چاهي تڏهن به سنڌي ٻولي جي سپورٽ پروگرامنگ زبانن ۾ ڪونهي. خاص ڪري جڏهن اسين گهڻ زبان پروگرام لکون.

جيئن ته انگريزي لکت by defaultجنهن اينڪوڊ ۾ save  ٿيندي آهي اهوANSI System آهي. جڏهن ته سنڌي لکت کي يونيڪوڊ يا وريUTF-8 ۾اينڪوڊ ڪري save ڪرڻو پوي ٿو. اڃا تائين گهڻيون پروگرامنگ زبانون UTF-8 کي پوري طرح سپورٽ نه ٿيون ڪن. جيئن PHP ۾ UTF-8جا ڪافي مسئلا آهن ڏسو هي صفعو Handling UTF-8 with PHP  http://www.phpwact.org/php/i18n/utf-8. اسين جيئن ته ڪجهه سنڌي ميڊيڪل پروگرام PHP ۾لکي رهيا آهيون. بعض تڪنيني سببن ڪري اسين انهن پروگرامن منجهه انگريزي شامل ڪرڻ تي مجبور آهيون. ان ڪري اسان کي ڪافي مشڪلاتون پيش آيون آهن. هر وقت اينڪوڊنگ ۽ هيڊرسيٽ ڪرڻ جو مسئلو درپيش اچي ٿو. مان ڪنهن دقيق بعث ۾ وڃڻ نه ٿو چاهيان صرف اوهان کي اهو رستوڏيکارڻ چاهيان ٿو جنهن سان اهو مسئلو آساني سان حل ڪري سگجي ٿو. اسان نو آموزن کي اوهان دوستن جي رهنمائي جي اشد ضرورت آهي.

جيڪي دوست ويب سرور استعمال ڪندا آهن. اهي شايد ايڪس ايم پي پيXAMPP جي ڄاڻ رکندا هوندا. جيڪڏهن اوهان کي انهن جي ڪا خبر ڪونهي ته اهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته هي پروگرامنگ سکندڙ لاء مفت ۽ آسان ويب سرور آهن.  مون جهڙن پي ايڇ پي PHP زبان ۾ ڪوڊ لکندڙ سيکڙاٽن لاء اهي ويب سرور نعمت آهن. انهن جو استعمال به نهايت آسان آهي. اچو ته انهن جو نهايت آسان استعمال سکون. استادن کان معافي.

سڀ کان پهريون XAMPP ونڊوز يا وري لينڪس پنهنجي آپريٽنگ سسٽم مطابق هن ويب سائٽhttp://www.apachefriends.org/en/xampp.html  تان ڊائونلوڊ ڪيو ۽ انسٽال ڪيو. هن ويب سائٽ تي ڊائونلوڊ ۽ انسٽال ڪرڻ جون آسان هدايتون ڏنل آهن. انهن کي پڙهي نهايت آساني سان اهي پروگرام انسٽال ڪري سگهجن ٿا. اسين جيڪو به ڪوڊ لکنداسين ان ڪوڊ کي ٽيسٽ ڪرڻ لاء، اهو ڪوڊ XAMPP ويب سرور جي htdocs فولڊر ۾ رکبو. مثال طور جيڪڏهن اسانجو ويب سرور C:\xampp تي انسٽال ٿيل آهي ته htdocs  هن فولڊر ۾ C:\xampp\htdocs هوندو.

هڪ ٽيسٽ فولڊر test جي نالي سان htdocs  فولڊر ۾ ٺاهيو.هاڻي اوهان پنهنجو ٽيڪسٽ ايڊيٽرکوليو. مان گهڻو ڪري ونڊوز جو نوٽ پيڊ استعمال ڪندو آهيان. ان ۾ هيٺيون ڪوڊ لکڻو آهي.

هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs  فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾ index.php جي نالي سان save ڪيو. جڏهن اوهين ان کيsave ڪندا ته هڪ ڊائلاگ باڪس کلندو، جنهن ۾ اينڪوڊن بابت هدايتون هونديون، في الحال جيڪي چوي ٿو ان تي ڪو ڌيان نه ڏيو ۽ اوهان صرف انکيOK ڪيو. اوهان جو ڪوڊ by default ANSI System ۾اينڪوڊ ٿي index.php ۾ Saveٿي ويو آهي. هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testاوهان کي پنهنجي برائوزر ۾ هن طرح نظر اچڻ گهرجي؟

هي ڇا ٿيو؟ اسان جو لفظ سنڌ ڪيڏاهن ويو؟ ان جي جاء تي هي عجيب اکر??? ڪيڏاهن آيا. اهو ان ڪري ٿيو ته اسانجو ويب سرورسنڌي فانٽس کي نٿو سڃاڻي. هاڻي ساڳيو فائلUTF-8 يا Unicode ۾اينڪوڊ ڪريsave ڪيو. جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي.

اوهان ڏسندا ته هاڻي نتيجو مختلف آهي. هاڻي اوهان کي هن ريت نّظر اچڻ کپي.

هن مٿين تجربي مان سکيوسين ته سنڌي پروگرامنگ لاءِ اسانکي پنهنجن فائلن کي Unicode ياUTF-8 ۾ اينڪوڊنگ ڪرڻو آهي. پر اهو وڏو مٿي جو سور آهي.ان جي باوجود به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿين ٿا. ان جو آسان حل سنڌي Fonts جي بدران هر اکر جو هيڪس ڪوڊ Hex يا وري ڊيسيمل ڪوڊ لکجي. جيئن لفظ سنڌ هيئن به “سن&#x068C” لکي سگهجي ٿو. اچو ڏسون ته ڇا اهو سچ آهي؟ اسين ساڳيوئي ڪوڊ وري هيٺين طرح سان لکنداسين.

هتي اسانسنڌ هيڪس ڪوڊ ۾ لکي آهي. ان کان پوءَ هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾index.phpجي نالي سان save ڪيو. جڏهن اوهين ان کيsaveڪندا ته هاڻي ڪو به ڊائلاگ باڪس نه کلندو، جنهن ۾اينڪوڊن بابت هدايتون هونديون.اوهان جو ڪوڊ

by default ANSI System ۾اينڪوڊ ٿي index.php ۾ Saveٿي ويو آهي.

هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testاوهان کي پنهنجي برائوزر ۾ هن دفعي لفظ سنڌ بلڪل صحيح نظر اچڻ گهرجي.

ان تجربي مان اهو سکيوسين ته جيڪڏهن سنڌي پروگرامنگ ۾ سنڌي اکر عربي لپي جي بجائي هيڪس ڪوڊ ۾ لکجن ته پروگرامنگ ۾ گهڻي مٿي جي سور کان آجو ٿي سگهجي ٿو. ٻيو وري اڄ ڪلهه جي برائوزرن جيئن انٽرنيٽ ايڪسپلورر 7 ، جنهن ۾UTF-8 سٽينڊرڊ طور استعمال ٿئي ٿوبلڪل درست نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

پر وري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسين ته سنڌي عربي لپي ۾ لکندا آيا آهيون، هي وري سنڌي هيڪس ڪوڊ ۾ هٿ سان ڪيئن لکون. اهو ته هڪ ڏاڍو ڏکيو مسئلو آهي. مثلا الف ته عربي ۾ هڪ لڪير آهي

ا، پرهيڪس ڪوڊ ۾ هيئن آهي، اهو ته سر ئي ويو؟ هر اکر لکڻ لاءَ اٺ اکر لکڻا پوندا ۽ اهي ياد به ڪيئن ڪنداسين.

سائين منهنجا نه گهٻرايو. مون اوهان لاءَ هڪ ننڍڙو پروگرام ٺاهيو آهي، هي هڪ PHP  ڪوڊ آهي.منهنجي هن بلاگ ۾ Sindhi2Hex بٽڻ کي دٻايو ۽ ڪوڊ ڪاپي ڪيو. هن ڪوڊ کي ٽيسٽ test فولڊر ۾ جيڪو اسان htdocs  فولڊر ۾ ٺاهيو هيوسين،ان فولڊر ۾ index.php جي نالي سان save ڪيو.

هاڻي اوهان پنهنجو ٽيڪسٽ ايڊيٽرکوليو. مان گهڻو ڪري ونڊوز جو نوٽ پيڊ استعمال ڪندو آهيان. ان ۾ سنڌي ۾ ڪجهه به لکو. ان کي ڪنهن جاءَ تي UTF-8 اينڪوڊنگ ۾Save ڪيو. هاڻي پنهنجو برائوزر جيئنInternet explorer کوليو ۽ هي ويب ايڊريس لکوhttp://localhost/testههڙو پروگرام نظر اچڻ کپي.

جيڪڏهن اوهانکي ڪا مشڪل پيش اچي ته حاضر آهيون.

سنڌي لکڻ
اڄ ڪلھ مونکي دل ۾ اچي اھو خيال ويٺو آھي ته اندرون سنڌ ميڊيڪل جو معيار جيڪو کل جوڳي حالت جھڙو آھي، ٿورڙي محنت سان شايد سڌاري سگھجي ٿو جيڪڏھن اسين به ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو مناسب استعمال ڪريون۔ مثال طور رڪارڊ رکڻ جو ڪم! يا ڪمپيوٽر جي فيصلن ۾ مددگاري وارو سسٽم! پر سافٽ ويئر ڪيڏانھن اچي جيڪو سستو به ھجي ۽ اسان جا ماڻھو سمجھي به سگھن۔ خوشقسمتي سان ڪي نھايت ئي معياري ميڊيڪل سافٽ ويئر اوپن سورس ڏي وٺ واري اصول تحت مفت ميسر آھن۔ ڪو به پروگرامنگ سان شد بد رکڻ وارو ڊاڪٽر آساني سان انھن کي پنھنجي مقصد لاء استعمال ڪري سگھي ٿو۔ پرٻيو سوال ته اسان جا ماڻھو، خاص ڪري اسپتالن جا سنھا ملازم، جن مان اڪثيريت جي انگريزي ايتري سٺي نه آھي ڪيئن انھن سافٽ ويئر کي سمجھن؟ ان جو حل مونکي اھو ئي سجھي ٿو ته سافٽ ويئر سنڌي ۾ ترجمو ڪجن۔ اڄ ڪلھ انھيء ڪوشش ۾ آھيان۔ ھن وقت سنڌي يونيڪوڊ ۽ لاگاپيل مسئلن جي حل ۽ سکڻ واري عمل مان گزران پيو۔ ان لآء ئي ھي بلاگ شروع ڪيو اٿم ته جيئن سنڌي لکڻ واري وساريل عادت کي ورجائي سگھان ۽ سنڌي لکڻ واريون دقتون سلجھائڻ ۾ ڪا ڪوشش ڪيان۔ سائين ڀرگڙي صاحب جا لک ٿورا آھن جو پردي جي پٺيان رھي ڀي سندس ويب سائٽس مان ڪافي ڪجھ سکيو اٿم، ٻيم دوستن جا به احسان مڃان ٿو۔

سالن کان وٺي انگريزي لکندو ۽ پڙھندو ٿو اچان۔ سنڌي ڪتاب پڙھڻ جو موقعو گھٽ گھٽ ملي ٿو۔ سنڌي لکڻ جو موقعو ته بلڪل ئي گھٽ ملي ٿو۔ اھو ان ڪري ته اسان پارن پروفيشنل ماڻھن جو واسطو گھڻي قدر پروفيشنل ڪتابن سان پوي ٿو ۽ اھي سڀ انگريزي ۾ آھن۔ ڪجھ دوستن پروفيشنل ڪتاب سنڌي ۾ لکڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آھي پر افسوس جو سواء چند ڪتابن جي باقي انھن جو معيار بين الاقوامي معيار جو نه آھي۔ جيڪڏھن ڪتاب سنڌي ۾ ھجن ته خيالن جي ڏي وٺ به سنڌي ۾ ئي ٿي۔ ٻيو ته اڄ ڪلھ لکڻ جو ڪم گھڻي ڀانڱي ڪمپيوٽر تي پيو ٿي ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڪافي دقت آميز آھي۔

اھوئي سوچي اڊوب السٽريٽر تي ھي ڪي بورڊ جو نقشو ترتيب ڏنو اٿم ۽ ھن جو ڇاپو منھنجي ڊيسڪ تي موجود ھوندو آھي جيئن سٽينڊرڊ ڪي بورڊ جي استعمال سان آساني سان سنڌي لکي سگھجي۔ ھي نقشو شايد مونکي اڳتي ھلي به ڪم ڏي، منھنجي ذھن ۾ ھڪ سافٽ ويئر لکڻ جو پروگرام آھي جيئن سنڌي جون سڀ لپيون ھڪ ٻي سان آساني ٽرانسلٽريٽ ڪري سگھجن جيئن عربي، گرمکي، رومن ۽ يونيڪوڊ ۔ ڪنھن دوست کي جيڪڏھن ھي ڪنھن ڪم اچي ته مونکي خوشي ٿيندي۔ پنھنجي ڪھاڻي آئنده بلاگ ۾ جاري رکبي۔ رب رکوالو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

آگھي جو سفر
ھر گرمين جي موڪل ۾ منھنجي زال ٻارن سان گڏ پنھنجي پيڪي ويندي آھي۔ مان به دل ۾ خوش ته ڪجھ نئون ساھ کڻڻ جو موقعو ملندو؟ فيملي جي اندر جيڪي وقت سان گڏ قدورتون پيدا ٿينديون رھنديون آھن سي به ڌوپجي وينديون۔ ھر شادي شدھ مرد ھڪ اھڙي پکي وانگر ھوندو آھي جيڪو قيد جو عادي ٿي ويندو آھي ۽ کيس قيد مان آزاد ڪبو ته ڦڙڪي ڦڙڪي مري ويندو۔

اڄ کان ڪوئي ويھ سال اڳ، زال کي پيڪي ۾ ڇڏيم۔ زال چيئي ھتي ئي رھه۔ سچي ڳالھ اھا آھي ته سندس پيڪن ۾ مان پاڻ کي اتاولو محسوس ڪندو آھيان۔ ويچارا عزت ته ڏاڍي ڪندا آھن جيء ۾ جايون ڏيندا آھن۔ پر اسين ڪجھ وکرا ماڻھو آھيون۔ مونکي وري زندگي جو مزو تڏھن ايندو آھي جڏھن ھڪ پتي وانگر پاڻي جي وھڪري تي ھچڪولا کاوان، پاڻي جو لس به محسوس ڪيان ته ڍڪا ٿاٻا به کاوان۔ ان وقت ڏاڍي بوريت ٿيندي اٿم جڏھن ڪنھن قسم جي مصنوعيت ھجي ۽ سائين ميان پيئي ٿي۔ خير منھنجي زال ته پيڪي ۾ وڃي خوش ٿي، مون چيو اللاھ واھي۔ اسين ٿا رلون۔

بوڇڻ ڪلھي تي اچي راولپنڊي ڀيڙو ٿيس۔ ھڪ جوڙو جسم تي ۽ ھڪ ننڍڙي ٿيلھي ۾۔ پشاوري جوتي پير ۾، پيسن جو آسرو گٽ۔ جيڪو راولپنڊي پھچندو آھي ۽ پھاڙن جو رخ ڪندو آھي ان لاء مري ڄڻ نصيب ۾ لکيل آھي۔ ملان جي ڊوڙ مسجد تائين۔ مري ڏٺي ته اٿم۽ اتي رھيو به آھيان پر اتي پاڻ کي آزاد محسوس نه ڪندو آھيان۔ ھن دفعي به خود بخود مري اکين اڳيان تري آئي۔ پر ان وقت مري اصل نه آئڙي، فيصلو ڪيم ته ھاڻي ٻيو ڪيڏانھن وڃجي۔ ڪنھن ٻي پھاڙ ۾ وڃي ديرو ڄمائجي۔ ان وقت گلگت جو نالو ته ٻڌو ھيم پر وڌيڪ ڪا خبر ڪونه ھئي۔ ھڪ ٽانگي تي لانگ ورائي وڃي ويٺس، ٽانگي واري کان پڇيم ادا سائين گلگت ڪيئان پھچان۔ ٽانگي وارو مونکي ھڪ سينيما وٽ وٺي آيو۔ چيئي ھتان ھر روز چار بجي ويگنيون گلگلت وينديون آھن۔ اھا توھان کي گلگلت پھچائيندي۔ نئون تئون مينھن وسيو ھجي، گپ ۽ ڍپ مان پاڻ کي بچائي ويگن جو اڏو لڍم۔ خبر پيئي ته ھي جيڪو سُڪو سنھو بيزار ماڻھو ويٺو آھي ھي ئي بوڪنگ ڪندو۔ ستون نمبر سيٽ ملي۔ ستن فوٽن جو نان ۽ دال جو پيالو وٺي پيٽ جو دوزخ ڀريو۔ ال انتضار اشد من ال موت۔ اللاھ اللاھ ڪندي ويگن وٽ ماڻھو جمع ٿيڻ شروع ٿيا، اھو ڏسي حيراني ٿي ته گھڻا تڻا ماڻھو ته پرديسي ھئا۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي ھئي۔ ان وقت خيال آيم ته ھي ھيترا سارا ماڻھون گلگت ۾ ڇا ڪندا؟ ان وقت مونکي ته ڪو اندازو ئي نه ھئو ته گلگت ۾ ھي ماڻھون ڇا لاء پيا وڃن؟

خير ويگن ۾ ويٺس ته ڀرسان واري سيٽ ته ھڪ اٽالين حور پري ويٺي ھئي۔ دل بھار ٿي ويئي۔ پڪ ٿيم ته سفر سٺو گزرندو۔ ڇوڪري ڇا ھجي ڄڻ آڙو جو ڪترو۔ جسم ڀريل، کل تان مک پيئي ترڪيس۔ رنگ ڄڻ انڊلٺ، گلابي، سفيد ۽ ٿورڙي ڪارڙي رنگ جو ملاپ۔ گھيردار شلوار به سندس ڊولدار ڄنگھن کي لڪائڻ ۾ ڪامياب نه پيئي ٿي۔ شلوار جي مٿان صرف ھڪ سنھي ڪاٽن جي گنجي پاتل ھجيس۔ ھيلو ھاء ٿي۔ وڌيڪ گالھائڻ لاء تيار نه ھئي۔ مون به چيو ٺھيو نه ٿي ڊيگھ ڪري ته پرواھ ناھي سندس جسم جو سڳند ته مفت ملندو۔ ويگن ھلي ته سندس اڌ گولايون، جيڪي اڻپوري گنجي مان ظاھر پيئي ٿيون، ڇلڪڻ لڳيون۔ ٻاھر به ساوا سھڻا نظارا ته اندر به گلابي ديدار، روح لوڏن ۾ من موجن ۾۔

ويگن جو ڊرائيور اڪبر خان، به ھڪ طرحدار ماڻھون ھيو۔ ھيو ته پٺاڻ پر حال بنگالين جھڙا ھيس۔ جسم لڪڻ جھڙو سنھو پر نھايت ھوشيار ڊرائيور ٿي لڳو۔ ھمراھ مانسرھ جي ڀرسان ھڪ جھوپڙي ھوٽل وٽ بريڪ ھنئي۔ اعلان ٿيوته ماني کائو۔ ھڪ ڏتڙيل بيري ڀينڊين جي پليٽ جنھن ۾ ڀينڊيون پاڻي ۾ پيون ترن ۽ گرم نان اچي سامھيون رکيا۔ چوندا آھن بک ۾ بصر به ڀلا۔ سو ماني مزو ڏنو۔ اڪبر خان کٺ تي اوڪڙون ويٺي، گڙگڙاھٽن سان چانھ پئي پيتي، مون به موقعو ڏسي وڃي اڪبر خان جي کٽ وسائي۔ جڏھن خبر پيس ته مان سنڌي آھيان ته ڏاڍو خوش ٿيو۔ پنجاپين کي گارين ۾ شروع ٿي ويو۔ چئي جڏھن به مونسان سفر ڪندا آھن مونکي ڏاڍو تنگ ڪندا آھن، باقي سنڌي ته ھيرا آھن۔ چئي ڊاڪٽر صاحب توھان فڪر نه ڪيو، گلگت ۾ توھانکي سٺي رھائش جو ڏس ڏيندس۔

ھلندي ھلندي رات جو ڪنھن پھر بيشام جي ڀرسان پھتاسين۔ وڏن وڏن اوچن پھاڙن جي وچ مان چنڊ پئي جھاتي پاتي ۽ وري اسان کي ڏسي شرمائي بادلن ۾ لڪي پئي ويو۔ پھاڙن جي چوٽين تي سرو جا وڏا وڻ قطار در قطار، اونڌھ ۾ لڪا بيٺا ھئا ۽ ائين پيو لڳي جيئن اسان جي ويگن جو پيڇو پيا ڪن۔ سندن چرندڙ پاڇا ھڪ عجيب نظارو پيش پيا ڪن۔ ھزارين فٽ ھيٺ ڪٿي سنڌو درياھ پي وھيو لک ڪوششن جي باوجود مون کي اتي سندس جھلڪ نظر نه آئي۔ ھا صرف سنڌو جو ھيبتناڪ گجگوڙ ٻڌڻ ۾ پيئي آيو۔ ڄڻ رڙيون ڪري چوي پيو ته مان وڃانو ٿو سنڌ، آھي ڪنھن ۾ ھمت ته مونکي روڪي۔ تازي بارش جي ڪري پھاڙي ٻوٽن مان نڪرندڙ سوڳند روح کي راحت پيو ڏي۔ انھن نظارن مونکي مدھوش ڪري ڇڏيو، اڄ به سنڌو جو اھو آستان مونکي ورائي ورائي سڏيندو آھي۔ ۽ مان ھڪ غلام وانگر ڇڪبو ھرھر شاھراھ قراقرم تي ھليو ويندو آھيان۔

ٻاھر ته الاھ جا نظارا ھجن اندر وري سندس گلابي رحمتون ھجن۔ ھيڻو بندو وڃي ته ڪيڏانھن وڃي۔ ھاڻي ته مائي منھنجي ڪلھي تي ستل ھجي۔ جيئن ئي گاڏي کي جٽڪا لڳن تيئن سندس جسم جا نرم حصا منھنجي جسم ۾ باھ ٻاري ڇڏين۔ منھنجي ننڊ ته الائي ڪيڏانھن اڏامي ويئي پر مائي ننڊ جا ڏاڍا مزا ورتا۔ پر آخر منھنجن ڪلھن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو۔ آخر ڪيستائين ويچارا يورپ جي پليل جسم جو دٻاء برداشت ڪن۔ پھريان ته سندس متاري جسم کي پيار سان ٿورو پري ڪيم پر جڏھن وري وري اچي منھنجي مٿان ڪري ته اسان جي وچ ۾ ڌڪن جي جنگ شروع ٿي ويئي۔ سمجھيانس ته مائي پاڻ سنڀال پر موسم، ماحول ۽ شراب جي نشي کيس وري وري منھنجي ڪڇ ۾ پيئي ڪيرايو۔ مائي منھنجي جسم جي آرامداھ بستر مان دستبردار ٿيڻ لاء آمادھ نه ھئي پر ھاڻ مان به برداشت جي حد تي اچي پھتوھوس۔ اللاھ ڀلو ڪري اڪبر خان جو، جنت ۾ ستر حورون ملنس جو آخر ھن منھنجي ھن اٽالين حور مان جند آزاد ڪرائي۔ ڪچڙي پرھ جي وقت ھڪ ننڍڙي جھرڻي جي ڀرسان اڪبر خان بريڪ ھئني۔ اعلان ٿيو جنگل جو رخ ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اللاھ تو آھر وري ٻيھر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ذرڙو ڇو؟
اوھين پڇندئوذرڙو وري ڇا آھي؟ سائين منھنجا اسين ذرڙا ئي ته آھيون! بند ڪمري ۾ ويھي، اسين محسوس ڪندا آھيون ته اسين ڪا وڏي ڳالھ آھيون۔ پھنجو پاڻ ڦلارجي الائي ڇا جو ڇا محسوس ڪندا آھيون ۽ اھو احساس به نه ٿيندو آھي ته اسان ڪيترا نه ناسمجھ آھيون۔ مان به ھڪ اھڙو ئي ڦوڪڻو ھيس۔ حد کان وڌيڪ ڦوڪيل۔ ننڍي ھوندي ايسپ جون آکاڻيون پڙھندا ھياسين، انھن مان ھڪ ياد پيئي اچي ته ھڪڙي مک وڃي ھڪ تيز رفتار رٿ جي ڦيٿي تي ويٺي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي ‘مار ڪيڏي نه مٽي اڏائي اٿم’۔ سو دوستو منھنجو به اھو ئي حال ھيو۔ ھر وقت بي وقت ويٺو ڊاڙون ھڙان۔ پاڻ پڏائي پڏائي اڌ مئو ٿيان ته به نه مڙان۔ اصل ۾ ھجان ڪجھ به نه ۽ وڏي ڳالھ ته اڃان به ڪجھ نه آھيان۔ ھڪ دوست ھلندي ھلندي ٿاٻو کاڍو، چيائين ‘ھائه ڙي ھائه جواني’ وري ھيڏانھن ھيڏانھن ڏسي چوڻ لڳو ‘جواني ۾ به اھو ئي منھن ڪاروھيو، ٻيو وري ڇا’۔ سو سڄڻ سائين مان ته آھيان ئي ذرو ۽ رھندس به ذرو ڀلي جو ڪيترو به گوڙ ڇو نه ڪيان۔ ھائو! اھو احوال ضرور ڪبو ته ذرڙي کي خبر ڪيئن پيئي ته مان ذرڙو آھيان؟ انھن احوال وندڻ لائه ئي ته ھي بلاگ ٺاھيو اٿم۔ ھاڻي محسوس ڪيو اٿم ته پنھنجا تجربا سچ سچ ونڊجن ۽ وراھجن متان ڪنھن ھمراھ جو ڀلو ٿئي؟ متان ڪو اسان جي احساسن مان ڪجھ پرائي۔ جي ائين ٿيو ته ڏاڍو سٺو نه ته به پنھنجو بوجھ ته ھلڪو ٿيو۔ چڱو ھاڻي رب واھي وري ملنداسون۔۔۔۔۔۔۔۔۔