اڄ ڪلھ مونکي دل ۾ اچي اھو خيال ويٺو آھي ته اندرون سنڌ ميڊيڪل جو معيار جيڪو کل جوڳي حالت جھڙو آھي، ٿورڙي محنت سان شايد سڌاري سگھجي ٿو جيڪڏھن اسين به ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جو مناسب استعمال ڪريون۔ مثال طور رڪارڊ رکڻ جو ڪم! يا ڪمپيوٽر جي فيصلن ۾ مددگاري وارو سسٽم! پر سافٽ ويئر ڪيڏانھن اچي جيڪو سستو به ھجي ۽ اسان جا ماڻھو سمجھي به سگھن۔ خوشقسمتي سان ڪي نھايت ئي معياري ميڊيڪل سافٽ ويئر اوپن سورس ڏي وٺ واري اصول تحت مفت ميسر آھن۔ ڪو به پروگرامنگ سان شد بد رکڻ وارو ڊاڪٽر آساني سان انھن کي پنھنجي مقصد لاء استعمال ڪري سگھي ٿو۔ پرٻيو سوال ته اسان جا ماڻھو، خاص ڪري اسپتالن جا سنھا ملازم، جن مان اڪثيريت جي انگريزي ايتري سٺي نه آھي ڪيئن انھن سافٽ ويئر کي سمجھن؟ ان جو حل مونکي اھو ئي سجھي ٿو ته سافٽ ويئر سنڌي ۾ ترجمو ڪجن۔ اڄ ڪلھ انھيء ڪوشش ۾ آھيان۔ ھن وقت سنڌي يونيڪوڊ ۽ لاگاپيل مسئلن جي حل ۽ سکڻ واري عمل مان گزران پيو۔ ان لآء ئي ھي بلاگ شروع ڪيو اٿم ته جيئن سنڌي لکڻ واري وساريل عادت کي ورجائي سگھان ۽ سنڌي لکڻ واريون دقتون سلجھائڻ ۾ ڪا ڪوشش ڪيان۔ سائين ڀرگڙي صاحب جا لک ٿورا آھن جو پردي جي پٺيان رھي ڀي سندس ويب سائٽس مان ڪافي ڪجھ سکيو اٿم، ٻيم دوستن جا به احسان مڃان ٿو۔
سالن کان وٺي انگريزي لکندو ۽ پڙھندو ٿو اچان۔ سنڌي ڪتاب پڙھڻ جو موقعو گھٽ گھٽ ملي ٿو۔ سنڌي لکڻ جو موقعو ته بلڪل ئي گھٽ ملي ٿو۔ اھو ان ڪري ته اسان پارن پروفيشنل ماڻھن جو واسطو گھڻي قدر پروفيشنل ڪتابن سان پوي ٿو ۽ اھي سڀ انگريزي ۾ آھن۔ ڪجھ دوستن پروفيشنل ڪتاب سنڌي ۾ لکڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آھي پر افسوس جو سواء چند ڪتابن جي باقي انھن جو معيار بين الاقوامي معيار جو نه آھي۔ جيڪڏھن ڪتاب سنڌي ۾ ھجن ته خيالن جي ڏي وٺ به سنڌي ۾ ئي ٿي۔ ٻيو ته اڄ ڪلھ لکڻ جو ڪم گھڻي ڀانڱي ڪمپيوٽر تي پيو ٿي ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڪافي دقت آميز آھي۔
اھوئي سوچي اڊوب السٽريٽر تي ھي ڪي بورڊ جو نقشو ترتيب ڏنو اٿم ۽ ھن جو ڇاپو منھنجي ڊيسڪ تي موجود ھوندو آھي جيئن سٽينڊرڊ ڪي بورڊ جي استعمال سان آساني سان سنڌي لکي سگھجي۔ ھي نقشو شايد مونکي اڳتي ھلي به ڪم ڏي، منھنجي ذھن ۾ ھڪ سافٽ ويئر لکڻ جو پروگرام آھي جيئن سنڌي جون سڀ لپيون ھڪ ٻي سان آساني ٽرانسلٽريٽ ڪري سگھجن جيئن عربي، گرمکي، رومن ۽ يونيڪوڊ ۔ ڪنھن دوست کي جيڪڏھن ھي ڪنھن ڪم اچي ته مونکي خوشي ٿيندي۔ پنھنجي ڪھاڻي آئنده بلاگ ۾ جاري رکبي۔ رب رکوالو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اصل مسئلو ھي آھي تہ سنڌي جو ھڪڙو اسٽينڊرڊ ڪي بورڊ بنايو ويو، منھجو ھڪڙو ٻيو ڪي بورڊ آھي ۔ ان جو آسان حل ھي آھي تہ سڀ پروفيشنل سنڌي ويھي اھو فيصلو ڪن تہ ڪھڙو ڪي بورڊ استعمال ٿيڻ گھرجي
سائين وڏي خوشي ٿي اوهان جو بلاگ پڙهي ۽ اوهان جا سنڌيءِ ۾ ويڇار ڦهلوري . اسان جون دعائون ،محنتون ۽ ڪا وشون ۽ جفا ڪشون اوهان سان گڏ آهن ، سنڌي ٻولي ِ جي لاءِ سنڌ جي لاءِ هر طرح جو ساٿ ڏينداسين