ھر گرمين جي موڪل ۾ منھنجي زال ٻارن سان گڏ پنھنجي پيڪي ويندي آھي۔ مان به دل ۾ خوش ته ڪجھ نئون ساھ کڻڻ جو موقعو ملندو؟ فيملي جي اندر جيڪي وقت سان گڏ قدورتون پيدا ٿينديون رھنديون آھن سي به ڌوپجي وينديون۔ ھر شادي شدھ مرد ھڪ اھڙي پکي وانگر ھوندو آھي جيڪو قيد جو عادي ٿي ويندو آھي ۽ کيس قيد مان آزاد ڪبو ته ڦڙڪي ڦڙڪي مري ويندو۔
اڄ کان ڪوئي ويھ سال اڳ، زال کي پيڪي ۾ ڇڏيم۔ زال چيئي ھتي ئي رھه۔ سچي ڳالھ اھا آھي ته سندس پيڪن ۾ مان پاڻ کي اتاولو محسوس ڪندو آھيان۔ ويچارا عزت ته ڏاڍي ڪندا آھن جيء ۾ جايون ڏيندا آھن۔ پر اسين ڪجھ وکرا ماڻھو آھيون۔ مونکي وري زندگي جو مزو تڏھن ايندو آھي جڏھن ھڪ پتي وانگر پاڻي جي وھڪري تي ھچڪولا کاوان، پاڻي جو لس به محسوس ڪيان ته ڍڪا ٿاٻا به کاوان۔ ان وقت ڏاڍي بوريت ٿيندي اٿم جڏھن ڪنھن قسم جي مصنوعيت ھجي ۽ سائين ميان پيئي ٿي۔ خير منھنجي زال ته پيڪي ۾ وڃي خوش ٿي، مون چيو اللاھ واھي۔ اسين ٿا رلون۔
بوڇڻ ڪلھي تي اچي راولپنڊي ڀيڙو ٿيس۔ ھڪ جوڙو جسم تي ۽ ھڪ ننڍڙي ٿيلھي ۾۔ پشاوري جوتي پير ۾، پيسن جو آسرو گٽ۔ جيڪو راولپنڊي پھچندو آھي ۽ پھاڙن جو رخ ڪندو آھي ان لاء مري ڄڻ نصيب ۾ لکيل آھي۔ ملان جي ڊوڙ مسجد تائين۔ مري ڏٺي ته اٿم۽ اتي رھيو به آھيان پر اتي پاڻ کي آزاد محسوس نه ڪندو آھيان۔ ھن دفعي به خود بخود مري اکين اڳيان تري آئي۔ پر ان وقت مري اصل نه آئڙي، فيصلو ڪيم ته ھاڻي ٻيو ڪيڏانھن وڃجي۔ ڪنھن ٻي پھاڙ ۾ وڃي ديرو ڄمائجي۔ ان وقت گلگت جو نالو ته ٻڌو ھيم پر وڌيڪ ڪا خبر ڪونه ھئي۔ ھڪ ٽانگي تي لانگ ورائي وڃي ويٺس، ٽانگي واري کان پڇيم ادا سائين گلگت ڪيئان پھچان۔ ٽانگي وارو مونکي ھڪ سينيما وٽ وٺي آيو۔ چيئي ھتان ھر روز چار بجي ويگنيون گلگلت وينديون آھن۔ اھا توھان کي گلگلت پھچائيندي۔ نئون تئون مينھن وسيو ھجي، گپ ۽ ڍپ مان پاڻ کي بچائي ويگن جو اڏو لڍم۔ خبر پيئي ته ھي جيڪو سُڪو سنھو بيزار ماڻھو ويٺو آھي ھي ئي بوڪنگ ڪندو۔ ستون نمبر سيٽ ملي۔ ستن فوٽن جو نان ۽ دال جو پيالو وٺي پيٽ جو دوزخ ڀريو۔ ال انتضار اشد من ال موت۔ اللاھ اللاھ ڪندي ويگن وٽ ماڻھو جمع ٿيڻ شروع ٿيا، اھو ڏسي حيراني ٿي ته گھڻا تڻا ماڻھو ته پرديسي ھئا۔ وڻ وڻ جي ڪاٺي اچي گڏ ٿي ھئي۔ ان وقت خيال آيم ته ھي ھيترا سارا ماڻھون گلگت ۾ ڇا ڪندا؟ ان وقت مونکي ته ڪو اندازو ئي نه ھئو ته گلگت ۾ ھي ماڻھون ڇا لاء پيا وڃن؟
خير ويگن ۾ ويٺس ته ڀرسان واري سيٽ ته ھڪ اٽالين حور پري ويٺي ھئي۔ دل بھار ٿي ويئي۔ پڪ ٿيم ته سفر سٺو گزرندو۔ ڇوڪري ڇا ھجي ڄڻ آڙو جو ڪترو۔ جسم ڀريل، کل تان مک پيئي ترڪيس۔ رنگ ڄڻ انڊلٺ، گلابي، سفيد ۽ ٿورڙي ڪارڙي رنگ جو ملاپ۔ گھيردار شلوار به سندس ڊولدار ڄنگھن کي لڪائڻ ۾ ڪامياب نه پيئي ٿي۔ شلوار جي مٿان صرف ھڪ سنھي ڪاٽن جي گنجي پاتل ھجيس۔ ھيلو ھاء ٿي۔ وڌيڪ گالھائڻ لاء تيار نه ھئي۔ مون به چيو ٺھيو نه ٿي ڊيگھ ڪري ته پرواھ ناھي سندس جسم جو سڳند ته مفت ملندو۔ ويگن ھلي ته سندس اڌ گولايون، جيڪي اڻپوري گنجي مان ظاھر پيئي ٿيون، ڇلڪڻ لڳيون۔ ٻاھر به ساوا سھڻا نظارا ته اندر به گلابي ديدار، روح لوڏن ۾ من موجن ۾۔
ويگن جو ڊرائيور اڪبر خان، به ھڪ طرحدار ماڻھون ھيو۔ ھيو ته پٺاڻ پر حال بنگالين جھڙا ھيس۔ جسم لڪڻ جھڙو سنھو پر نھايت ھوشيار ڊرائيور ٿي لڳو۔ ھمراھ مانسرھ جي ڀرسان ھڪ جھوپڙي ھوٽل وٽ بريڪ ھنئي۔ اعلان ٿيوته ماني کائو۔ ھڪ ڏتڙيل بيري ڀينڊين جي پليٽ جنھن ۾ ڀينڊيون پاڻي ۾ پيون ترن ۽ گرم نان اچي سامھيون رکيا۔ چوندا آھن بک ۾ بصر به ڀلا۔ سو ماني مزو ڏنو۔ اڪبر خان کٺ تي اوڪڙون ويٺي، گڙگڙاھٽن سان چانھ پئي پيتي، مون به موقعو ڏسي وڃي اڪبر خان جي کٽ وسائي۔ جڏھن خبر پيس ته مان سنڌي آھيان ته ڏاڍو خوش ٿيو۔ پنجاپين کي گارين ۾ شروع ٿي ويو۔ چئي جڏھن به مونسان سفر ڪندا آھن مونکي ڏاڍو تنگ ڪندا آھن، باقي سنڌي ته ھيرا آھن۔ چئي ڊاڪٽر صاحب توھان فڪر نه ڪيو، گلگت ۾ توھانکي سٺي رھائش جو ڏس ڏيندس۔
ھلندي ھلندي رات جو ڪنھن پھر بيشام جي ڀرسان پھتاسين۔ وڏن وڏن اوچن پھاڙن جي وچ مان چنڊ پئي جھاتي پاتي ۽ وري اسان کي ڏسي شرمائي بادلن ۾ لڪي پئي ويو۔ پھاڙن جي چوٽين تي سرو جا وڏا وڻ قطار در قطار، اونڌھ ۾ لڪا بيٺا ھئا ۽ ائين پيو لڳي جيئن اسان جي ويگن جو پيڇو پيا ڪن۔ سندن چرندڙ پاڇا ھڪ عجيب نظارو پيش پيا ڪن۔ ھزارين فٽ ھيٺ ڪٿي سنڌو درياھ پي وھيو لک ڪوششن جي باوجود مون کي اتي سندس جھلڪ نظر نه آئي۔ ھا صرف سنڌو جو ھيبتناڪ گجگوڙ ٻڌڻ ۾ پيئي آيو۔ ڄڻ رڙيون ڪري چوي پيو ته مان وڃانو ٿو سنڌ، آھي ڪنھن ۾ ھمت ته مونکي روڪي۔ تازي بارش جي ڪري پھاڙي ٻوٽن مان نڪرندڙ سوڳند روح کي راحت پيو ڏي۔ انھن نظارن مونکي مدھوش ڪري ڇڏيو، اڄ به سنڌو جو اھو آستان مونکي ورائي ورائي سڏيندو آھي۔ ۽ مان ھڪ غلام وانگر ڇڪبو ھرھر شاھراھ قراقرم تي ھليو ويندو آھيان۔
ٻاھر ته الاھ جا نظارا ھجن اندر وري سندس گلابي رحمتون ھجن۔ ھيڻو بندو وڃي ته ڪيڏانھن وڃي۔ ھاڻي ته مائي منھنجي ڪلھي تي ستل ھجي۔ جيئن ئي گاڏي کي جٽڪا لڳن تيئن سندس جسم جا نرم حصا منھنجي جسم ۾ باھ ٻاري ڇڏين۔ منھنجي ننڊ ته الائي ڪيڏانھن اڏامي ويئي پر مائي ننڊ جا ڏاڍا مزا ورتا۔ پر آخر منھنجن ڪلھن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو۔ آخر ڪيستائين ويچارا يورپ جي پليل جسم جو دٻاء برداشت ڪن۔ پھريان ته سندس متاري جسم کي پيار سان ٿورو پري ڪيم پر جڏھن وري وري اچي منھنجي مٿان ڪري ته اسان جي وچ ۾ ڌڪن جي جنگ شروع ٿي ويئي۔ سمجھيانس ته مائي پاڻ سنڀال پر موسم، ماحول ۽ شراب جي نشي کيس وري وري منھنجي ڪڇ ۾ پيئي ڪيرايو۔ مائي منھنجي جسم جي آرامداھ بستر مان دستبردار ٿيڻ لاء آمادھ نه ھئي پر ھاڻ مان به برداشت جي حد تي اچي پھتوھوس۔ اللاھ ڀلو ڪري اڪبر خان جو، جنت ۾ ستر حورون ملنس جو آخر ھن منھنجي ھن اٽالين حور مان جند آزاد ڪرائي۔ ڪچڙي پرھ جي وقت ھڪ ننڍڙي جھرڻي جي ڀرسان اڪبر خان بريڪ ھئني۔ اعلان ٿيو جنگل جو رخ ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اللاھ تو آھر وري ٻيھر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
sain, tamam bhalo……………..
tawahan asaan ji website main ba likho na bhao! http://www.voiceofsindh.net
one of the best pieces of prose I have read.keep it up.